ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ

0
184
ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ

  ھن وقت حڪومت ملڪ ۾ پھريون دفعو ستين ڊجيٽل آدمشماريءَ ڪرائي رھي آھي جيڪا ماڻھن جي ڳڻپ ڊجيٽل ڊوائيس جي ذريعي ٿيندي جنھن ۾ مختلف قومن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ٻولي جو  آپشن پڻ ڏنو ويو آھي. مثال سنڌي بروھي سرائڪي وغيره پر جيڪي سنڌ ۾ ماڻھو رھن ٿا انھن کي سنڌي کي ئي ٽڪ لڳائڻ گھرجي پر ھن ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ خدشا ضرور آھن جنھن ۾ سڃاڻپ جو ڪارڊ جو ھجڻ ضروري نه آهي . ڪارڊ جو لازمي نه ھجڻ جي پٺيان آخر ڪھڙو منطق يا لاجڪ آھي .  جنھن جي ڪري سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ ماڻھو ڳڻپ کان رھجي ويندا . ھن آدمشماريءَ ۾ افغاني برمي ۽ شھري آبادي رکندڙن ماڻھن کي فائدو پوندو.  توھان کي خبر آھي ڄاڻ آھي ته آدمشماري آباديءَ جي لحاظ کان آئيني طور بجيٽ ورھائي ويندي آھي.  آبادي رکندڙ پنجاب وڏو صوبو آهي ته ان کي ھر سال وڌيڪ بجيٽ ملندي آهي .  ھن وقت وفاقي ۽ سنڌ سرڪار جي پاڻ ۾ سرڪاري ۽ جھيڙي واري صورتحال نه آهي پر وفاقي سرڪار ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ سنڌي ماڻھن کي نظر انداز ڪرڻ جي سازش ضرور ڪئي آھي.  سنڌ جو ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ھي سڌي يا اڻ سڌي سازش ضرور آھي . سنڌ جا ماڻھو ڊجيٽل آدمشماريءَ کان باخبر به نه آھن .

آدمشماري ۾ماڻھن جاانگ اکر ۽ گهراڻي جي مڪمل ڊيٽا اچي وڃي ٿي آدمشماريءَ تي توھانجي رٿابندي ۽ بجيٽ به ملندي آھي ان سان گڏ تڪ ۾ گھڻي آبادي رکندڙ ضلعي يا تعلقي ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جون سيٽون وڌنديون آھن.  سنڌ ۾ گھڻي کان گھڻا ڌاريا آيا آھن جن کي آدمشماريءَ ۾ ڳڻي انھن کي آباد ڪرڻ جو رستو صاف ۽ سولو ڪرڻو آھي. آدمشماريءَ ھر ڏهن يا پنجن سال ۾ٿيڻ کپي پر ان ۾ ڪارڊ جو ھجڻ لازمي ڪيو وڃي. ان سان خبر پوندي ته توھان جي سنڌ ۾ ڌاريا ڪيترا آيا آھن ۽ انھن کي ڪارڊ ڪنھن ٺاھي ڏنا آھن . ڊجيٽل سروي ۾ سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻ کپي. سنڌ جي قوم پرست پارٽين اين جي اوز سماجي سڌارڪ تنظيمن سگا سنڌي ادبي سنگت کي به ڳوٺن ۾ آگاھي پروگرام۽ گڏجاڻيون ڪري سنڌي ماڻھن کي ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺرائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ گھرجي ۽ انھن کي آدمشماريءَ جا فائدا به ٻڌائڻ گھرجن. سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت کي ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ سڃاڻپ جو ڪارڊ  لازمي ڪرائڻ لاءِ زور ڀرڻ گهرجي ۽ جيڪي ھن ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ استاد ڪم ڪندا انھن کي گھرجي ته سنڌ ۾ ڌارين جي داخلا نه ڪن. گھر گھر مھم ھلائي وڃي . سنڌي ماڻھن کي  سجاڳ ٿيڻ گهرجي انهن کي  اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ٿي رھيا آھن. وفاقي حڪومت سنڌ جي آبادي جي حقيقي انگن آکرن کي ظاھر ڪري. سنڌ صوبي جي حڪومت کي به ھن ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ تي سوچڻ گھرجي ۽ پنھنجي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گھرجي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ اڳتي ھلي مشڪلاتون نه پيدا ڪرڻ گھرجن. ھنن ئي انگن اکرن تي  سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صحيح حصو  ملندو آھي.اين ايف سي ۾ سنڌ جو حصو ان ڪري گهٽ ٿيندو آهي جو ان جي آبادي گهٽ ڏيکاري ويندي آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي.

[email protected]