ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان رحمان ڊڪيٽ جو پٽ گرفتار، هينڊ گرنيڊ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ چاڪيواڙا پوليس مين چاڪيواڙا ۾ ڪارروائي ڪري رحمان ڊڪيٽ جي پٽ سلطان کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي سٽي سرفراز نواز موجب گرفتار دھشتگرد جي قبضي مان ھينڊ گرنيڊ ھٿ ڪيو ويو، جوابدار قتل، اغوا ۽ ڀتي خوري جي واقعن ۾ ملوث آهي، جوابدار سلطان جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، سندس خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي