پيرس(م ڊ) فرانس ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي حجاب پائڻ تي پابندي هڻڻ جو بل پيش ڪيو ويو آهي، بل خلاف سوشل ميڊيا ۽ مسلمان وڪرين جي حمايت ۾ هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي اڄڪلهه HandsOffMyHijab #ٽاپ تي آهي، هي ٽرينڊ 16 سالن جي ڇوڪري جي حق ۾ ٿيو آهي جيڪا مسلمان آهي ۽ حجاب کي آخري پيغمبر صلعم سان محبت جو اظهار سمجهي ٿي. مريم هن وقت حجاب پائي فرانسيسي گهٽين ۽ رستن تي گهمي ٿي، کيس ان ڳالهه جو ڊپ آهي ته جلد کانئس اهڙو حق کسيو ويندو ڇو ته فرانسيسي سينيٽرز هڪ بل پيش ڪيو آهي جنهن ۾ عوامي جاين تي 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين تي حجاب پائڻ جي پابندي هوندي. ياد رهي ته فرانس 2004ع ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ اسلامي هيڊ اسڪارف پائڻ تي پابندي هنئي هئي ۽ 2010ع ۾ گهٽين، پارڪن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ انتظامي عمارتن جهڙين عوامي جاين تي مڪمل چهري واري نقاب تي پابندي لڳائي هئي.