گمبٽ (ن پ ا) راڻيپور جو سينئر صحافي محمد قاسم ملڪ گمبٽ گمس اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سبب صحافي برادريءَ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل. ڪجهه ڏينهن اڳ فالج جو شديد اثر ٿيڻ سبب محمد قاسم ملڪ کي علاج لاءِ سندس وارثن پنوعاقل جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جتان کيس گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. محمد قاسم ملڪ کي فالج، شگر، بلڊ پريشر سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، وڌيڪ ٽيسٽن مان کيس چيسٽ انفيڪشن به ظاهر ٿيو، جڏهن ته گمس اسپتال انتظاميا پاران ڪرايل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ نيگيٽو آئي هئي. محمد قاسم ملڪ جي فوتگيءَ واري اطلاع تي قلم ڌڻين ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. بعد ۾ وارث فوتيءَ جو مڙهه کڻائي راڻيپور پهتا ته وڏي انگ ۾ ماڻهو سندس آخري ديدار ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. فوتي محمد قاسم ملڪ جي جنازي نماز رات جو 8 وڳي راڻيپور جي درگاهه بودلا شريف وٽ ادا ڪئي وئي.