ملير (رپورٽ: ناز شر) بحريا ٽائون انتظاميا پاران روينيو ۽ پوليس عملدارن جي مدد سان ٽئين ڏينهن به ڳوٺن تي چڙهايون، ڳوٺاڻن پاران مزاحمت، بحريا ٽائون خلاف جدوجهد جي علامت چاچو فيض محمد گبول جي پٽ کي يرغمال بڻائي سخت تشدد ڪري پنجن ڪلاڪن بعد آزاد ڪيو ويو. خبر موجب بحريا ٽائون انتظاميا پاران روينيو ۽ پوليس اٽالن سان ديهه لنگهيجي ۽ ديهه ڪاٺوڙ ۾ قائم نور محمد گبول ڳوٺ، عبدالله گبول ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن تي ٽئين ڏينهن به چڙهايون جاري رکيون. بحريا ٽائون ۽ پوليس اٽالن جي پهچڻ تي ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. ڳوٺاڻن، بحريا عملدارن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون. ڳوٺاڻن جي سخت احتجاج کي ڏسندي انتظاميا اهو چئي واپس رواني ٿي وئي ته زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڀرپور آپريشن ڪيو ويندو. ان موقعي تي مقامي زميندار ۽ ضلع ڪائونسل ڪراچيءَ جي اڳوڻي ميمبر داد ڪريم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڄ بحريا ٽائون جي اٽالن ڪاٺوڙ ويجهو منهنجي سروي زمين ۽ ڳوٺ تي قبضي لاءِ چڙهائي ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي ۾ ڄاڻايل آهي ته بحريا ٽائون جي 16 هزار ايڪڙ زمين کانسواءِ ڪنهن به ڳوٺ يا زمين تي والار نه ڪئي ويندي، ان جي باوجود بحريا ٽائون عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڳوٺن ۽ علائقي جي مقامي زميندارن جي سروي زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻئي طرف بحريا ٽائون خلاف ڊگهي ويڙهه ڪندڙ چاچي فيض محمد گبول جي نور محمد گبول ڳوٺ تي اٽالن پاران چڙهائي ڪئي وئي، جنهن دوران مزاحمت تي پوليس اٽالن فيض محمد گبول جي پٽ مراد گبول ۽ ڳوٺاڻي فضل گبول کي يرغمال بڻائي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو. پنجن ڪلاڪن تائين تشدد بعد کين ڇڏيو ويو.