عمران خان جي خاص ۽ ويجهي دوست بوزدار جي حوالي ڪيل پنجاب حڪومت، صوبي جي وڏي شهر راولپنڊي ۾ رنگ روڊ جو منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو ليڪن اهو منصوبو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪيترن ئي تڪرارن جي ور چڙهي ويو. گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستاني ميڊيا ۾ اهي ڳالهيون زور شور هلي رهيون آهن ته راولپنڊي رنگ روڊ جي منصوبي جي تبديلي ۾ جن ماڻهن جو ڳجهو هٿ نظر اچي رهيو آهي اهي عمران خان جا سڀ کان وڌيڪ ويجها دوست آهن جن ۾ ٻين سان گڏ ذلفي بخاري ۽ چوڌري سرور شامل آهن، ذلفي بخاري ۽ چوڌري سرور جي ڪيل ڪمال جي ڪاريگرين ذريعي گڏ ڪيل دولت تي ڳالهائڻ کان اڳ اچو ته راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جو مختصر جائزو وٺون ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته راولپنڊي رنگ روڊ منصوبو آهي ڇا؟
مسلم ليگ ن جي حڪومتي دور ۾ راولپنڊي اسلام آباد جي وڌندڙ آباديءَ کي نظر ۾ رکندي ۽ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رنگ روڊ جي منصوبي جو ابتدائي طور جائزو ورتو ويو ۽ ان جي فزيبلٽي ٺاهي منظوري ڏني ويئي، منصوبي تحت راولپنڊي جي علائقي روات کان هڪ روڊ ٺاهي راولپنڊي شهر جي ٻاهران ٿيندي ترنول کي جي ٽي روڊ کان پوءِ موٽر وي سان ملائڻو هو. ان رنگ روڊ ٺاهڻ جو مقصد پنجاب کان خيبرپختونخوا وڃڻ واري ٽريفڪ ۽ خاص طور هيوي ٽريفڪ جو دٻاءَ گهٽ ڪرڻ هو. 2016ع ۾ ان منصوبي بابت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ابتدائي فزيبلٽي به ٺاهي ويئي ۽ بعد ۾ان منصوبي ۾ نيسپاڪ کي به شامل ڪيو ويو، جڏهن ته راولپنڊي ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر ڊي آي) کي انهن مڙني معاملن جي نگراني ڪرڻي هئي. رنگ روڊ جي منصوبي جي حوالي سان نيسپاڪ جي ابتدائي رپورٽ جي ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ به منظوري ڏئي ڇڏي. ايشين انويسٽمينٽ بينڪ آسان شرطن تي ان منصوبي لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر، تقريبن 65 ارب جي قرض جي پيش ڪش به ڪئي، بينڪ سان ڳالهين جو سلسلو 2016ع ۾ شروع ٿيو ليڪن 2017ع ۾ن ليگ حڪومت ختم ڪئي ويئي ان ڪري ڳالهين کي لڳ ڀڳ ٻن سالن جو وقت لڳي ويو جنهن کان پوءِ بينڪ سان وري ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪونه ٿي سگهي، اهو ئي سبب هو جي مسلم ليگ ن جي دور حڪومت ۾ ان منصوبي جو آغاز نه ٿي سگهيو ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي، جنهن ساڳئي منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ عملي طور هڪ دفعو وري ڪم شروع ٿيو. منصوبي جو پيپر ورڪ شروع ڪرڻ وقت ئي عمران خان جي فرنٽ لائن جي کلاڙين سمجهي ورتو ته هن منصوبي کي شروع ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي ڦير ڦار ٿي وڃي ته نه فقط سندن سموري زندگي جا ڏک سور لهي سگهن ٿا پر عمران خان جي ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جا خرچ به منصوبي جي ڪمايل مال مان پورا ٿي سگهن ٿا، ان منصوبي ۾ عمران خان جو دادلو دوست اڻ چونڊيل ۽ ٻٽي شهريت رکڻ باوجود وزيراعظم کان پوءِ سڀ کان گهڻي طاقتور شخص ذلفي بخاري شامل هو. ذلفي سان گڏ عمران جي ٽيم جو اهم کلاڙي چوڌري سرور به هو جيڪو پڻ برطانيه جو شهري رهيو آهي، جيڪو پڻ هن منصوبي ۾ مددگار ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. حڪومتي ادارا جيڪي ان منصوبي جا ذميوار آهن سي سڀ مٿين ٻن شخصن جي اشاري جا محتاج هئا، اهڙي طرح رنگ روڊ منصوبي جي نالي تي اڻ ڳڻي دولت ڪمائڻ جو منصوبو شروع ٿي ويو. رنگ روڊ منصوبي تي مقامي ۽ غير ملڪي ميڊيا تي تمام گهڻو چرچو هليو جنهن کان پوءِ عمران خان سمجهي ويو ته هاڻ اها ڪرپشن لڪي ڪونه سگهندي ان ڪري هن پنجاب جي وزيراعليٰ کي ان منصوبي ۾ ٿيندڙ بي قائدگين جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. رپورٽ ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي راولپنڊي رنگ روڊ ۾ ٿيل بي ضابطگين جي حقيقت کي منظر عام تي آڻڻ جو چيو ويو جنهن ڪمشنر راولپنڊي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني جنهن ڪجهه ئي وقت ۾ پنهنجي رپورٽ وزيراعليٰ پنجاب بزدار صاحب کي پيش ڪري ڇڏي.
ذلفي بخار جي حڪم تي ٿيل سمورن ڪارگذارين کي نظر انداز ڪري رپورٽ ۾ چيو ويو ته راولپنڊي رنگ روڊ جي منصوبي ۾ مبينه ڦير ڦار جا ان وقت جو ڪمشنر محمد محمود ۽ لينڊ اڪيوزيشن ڪليڪٽر وسيم علي تابش بظاهر ذميوار آهن ۽ اها سفارش ڪئي ويئي ته ان جي انڪوائري نيب کان ڪرائي وڃي، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته انهن ٻنهي آفيسرن ملي ڀڳت ڪري 3 ارب جي لڳ ڀڳ ان منصوبي لاءِ زمين جي خريداري جي مد ۾ خرچ ڪيا پر زمين ڪونه ورتي ۽ هڪ اڳوڻي ڪمشنر جي ڀاءَ جي هڪ هائوسنگ اسڪيم جيڪا مڪه سٽي جي نالي سان آهي ان جي نالي تي فراڊ ڪيو ويو. رپورٽ م اهو به چيو ويو آهي ته سابق ڪمشنر قانون کان مٿانهان قدم کڻي رولز ۽ قانون جي خلاف ڪم ڪري پنهنجي ڀاءُ کي فائدو ڏنو. لينڊ اڪيوزيشن ڪليڪٽر وسيم تابش اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري اٽڪ ضلعي ۾ ٻن اربن کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي. هن رپورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعليٰ شهباز شريف جي پرسنل سيڪريٽري توقير شاهه خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويئي آهي.
ان ئي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته راولپنڊي رنگ روڊ جي منصوبي م آيل 12 نجي سوسائٽين کي به انڪوائري ۾ شامل ڪيو وڃي جن ملي ڀڳت ڪري اربين روپيا ڪمايا.
هن رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته منصوبي ۾ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ اٽڪ کان سواءِ اي ڊي سي روينيو راولپنڊي ۽ اي سي فتح جهنگ تحصيل کي تبديل ڪيو وڃي ، جيڪي اصل ڪرپشن جي لاءِ ذميوار سمجهيا پيا وڃن رپورٽ ۾ انهن آفيسرن کي هٽائي انهن خلاف نيب کان انڪوائري ڪرائڻ لاءِ سفارش ڪئي وڃي.
رپورٽ ۾ پاڪ فوج جي سابق آفيسرن جن ۾ ميجر جنرل، رٽائرڊ سليم اسحاق ۽ ڪرنل رٽائرڊ عاصم ابراھيم پراچه شامل آهن، انهن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته انهن قومي سلامتي ۽ حساس ادارن جو نالو پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ استعمال ڪيو آهي جن بابت پڻ انڪوائري ڪرڻ ۽ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ پ پ جي هڪ ٻه ايم اين اي کي به شامل ڪرڻ لا چيو ويو آهي.
هيءَ رپورٽ پنجاب حڪومت جي جاچ جي نتيجي ۾ آئي آهي جنهن جا ڪجهه حصا مٿي انڪري ڏنا آهن ته جيئن خبر پوي ته حڪومت جو اصل مقصد ڇا آهي ۽ ڪيئن لڪ لڪوٽي ۾ اربن جا فراڊ ڪيا ويا آهن، انهيءَ رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته وزير هوا بازي چوڌري سرور جي ڀائرن عزيزن جي زمين ان منصوبي جي ڦيرڦار ۽ نقشن جي ڦير ڦار جي ڪري اندازن 10 هزار ڪينال اچي ويئي آهي جنهن ڪري سندن قيمت وڌي اربين روپين جي ٿي وئي آهي.
اهڙي رپورٽ کان پوءِ عمران خان ذلفي بخاري کي وقتي طرح عهدي تان استيعفا لاءِ چيو ته جيئن هن کي وري زم زم جي پاڻي سان ڌوئي واپس آڻڻ جي لاءِ راھ ھموار ڪري سگهجي ٻئي طرف چوڌري سرور وري اهڙي فيڪٽ فائنڊنگ جي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن کي خبر آهي ته ٻه وڏا چور ظاهر ٿيا آهن هڪ پاڻ ۽ ٻيو ذلفي بخاري. ذلفي کي ته عمران خان بچائي ويندو ڇا ڪاڻ ته ذلفي اڄ به عمران جي گهر جو خاص فرد آهي، ان ڪري چوڌري سرور ڪاوڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪري عمران خان جي هدايت تي ٿيل پنجاب حڪومت جي رپورٽ کي رد ڪندي سخت لهجو استعمال ڪيو ۽ نتيجي طور ڪيبنٽ ميٽنگ ۾ کيس دڙڪا به مليا ۽ عمران جي ڪاوڙ کان پوءِ چيائين ته جي اوهان ناراض آهيو ته آئون عهدي تان استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
مٿئين سموري روداد مان ايئن لڳي ٿو ته عمران جا اوپننگ بيٽسمين بنا آئوٽ ٿيڻ جي ڪو وڏو کاتو کولي رهيا آهن.
اخباري رپورٽن ۽ ٽي وي تجزيي نگارن جي چوڻ آهي ته کلاڙين هن منصوبي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ صرف ان ۾ نقشن جي ڦيرڦار جي نتيجي ۾ اندازن 300 ارب روپين جو گهپلو ڪيو آهي ۽ پنهنجي دوستن عزيزن ۽ پارٽي جي ڪجھه ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ چند وزيرن جي زمين جون قيمتون وڌائڻ لاءِ اهو پلان ٺاهيو ۽ ڪيترن هائوسنگ سوسائٽين انهن زمينن کي وڪيو به آهي جنهن کان پوءِ انهن زمينن جون قيمتون اڃان به آسمانن تي پهچنديون. اها سوچ رکي انويسٽرز پنهنجا پئسا به سيڙائي ڇڏيا آهن ليڪن منصوبو شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي رولڙي جا شڪار ٿي ويو.
هن سموري معاملي کان پوءِ تعجب جي ڳالھه اها سامهون آئي آهي ته پنجاب حڪومت انڪوائري ڪميٽي جي/ڏسو صفحو 9 بقايا 01
رپورٽ ۾ واضح ۽ ڀرپور طرح سان اها سفارش ڪئي ويئي آهي ته ان سموري معاملي جي تحقيقات نيب کان ڪرائي وڃي ليڪن عمران خان پنهنجي ٽيم جي کلاڙين کي بچائڻ لاءِ وري وڏو يوٽرن ورتو ۽ بوزدار کي حڪم ڪيائين ته نيب کان انڪوائري نه ڪرايو ۽ نه ئي ان جي حوالي اها رپورٽ ڪيو ليڪن پنجاب حڪومت جي ماتحت اداري پنجاب اينٽي ڪرپشن کان اها جاچ ڪرائي وڃي جنهن کان پوءِ عثمان بوزدار ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي حڪم ڪيو آهي ته رنگ روڊ راولپنڊي جي منصوبي ۾ ڦيرڦار ۽ ان ۾ ٿيل بي ظابطگين جي انڪوائري ڪئي وڃي. اهڙي حڪم کان پوءِ يقينن ڪجھه ڪمزور آفيسرن کي ذميواري بنائي ذلفي بخاري، چوڌري سرور، سندن عزيزن ۽ فائدو وٺندڙن کي بي ڏوهي قرار ڏئي آب زم زم سان ڌوئي پاڪ ڪري پيش ڪيو ويندو.