ڪجهه ڏينهن اڳ اينگرو ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت، ٿر جي چونڊيل نمائندن سان گڏ گوڙاڻي ڊيم جي 501 متاثرن کي رائلٽي طور هر هڪ کي لک روپين جو چيڪ ڏنو. حقيقت ۾ حڪومت پنج سال اڳ اعلان ڪيو هو ته گوڙاڻي ڊيم جي 12 ڳوٺن سميت ٿرڪول جي سمورن متاثرن کي 30 سالن تائين هر سال لک لک روپيا رائلٽي طور ادا ڪيا ويندا. پر پنجن سالن تائين حڪومت جو واعدو وفا نه ٿيو ۽ جڏهن ٿيو ته ٿرڪول جي سمورن متاثرن کي رائلٽي ڏيڻ بدران رڳو گوڙاڻي جي 501 متاثرن کي چيڪ ڏنا ويا. ايستائين جو خود گوڙاڻي ڊيم جي سمورن ڳوٺن جي متاثرن کي به ڪارپوريٽ ڪرتب واري رائلٽي ادا نه ڪئي وئي. جڏهن ته گوڙاڻي ڊيم جي متاثرن جو ڪاٽڻ علائقي سميت وڏو حصو پُڻ ان نموني جي رائلٽي کان محروم رهجي ويو. پر ان هوندي به واهه واهه ٿي وئي، ٿر جي بربادي جي آسمان تي رائلٽي جي نالي ۾ لولي پاپ ۽ ٿر جي ماروئڙن سان ويساهه گھاتين جون واڌايون ڇائنجي ويون. کٽي وياسين، کٽي وياسين، گوڙاڻي ڊيم جي متاثرن کي حق ملي ويا جا نعرا ٿر جي ڀٽن ۾ ٿوري دير گونجڻ کانپوءِ ٿر جي واري ۾ گم ٿي ويا.
اها ڪا نئين ڳالھه نه آهي ڇو ته پوري دنيا ۾ سرمائيدارن جو جوڙيل ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون اهڙي قسم جا ڪارپوريٽ ڪرتب استعمال ڪري ماڻهن کي ترقي جي نالي ۾ پنهنجن تاريخي ماڳن مڪانن کان بيدخل ڪندا آهن. ان کان سواءِ فطرت ۽ ڌرتي جي حياتياتي رنگارنگي کي تباھه ڪرڻ جا ذميوار آهن. جڏهن ته ترقي رڳو سرمائيدارن، ڪارپوريٽ سيڪٽر،ڪرپٽ سياستدانن، ڪرپٽ بيوروڪريسي ۽ اُنهن جي ايجنٽن جي ٿيندي آهي.ان جي ابتڙ عوام ۽ فطرت اهڙين ترقين جي قيمت ادا ڪندا رهن ٿا. آئون ضروري ٿو سمجهان ته رائلٽي جي اصولن ۽ قاعدن قانونن تي بحث ڪرڻ کان اڳ ٿرڪول جي ڪري ٿر جي ماڻهن سان جيڪي ويساهه گھاتيون ٿي رهيون آهن، اُهي اوهان جي سامهون رکان.
اها حقيقت آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ترقياتي منصوبي لاءِ زمين جي حاصلات هڪ قانون ۽ مخصوص پاليسي جي تحت عمل ۾ ايندي آهي.پاليسي جو مقصد زمين جي حاصلات ۽ ان جي نتيجي ۾ بيدخل ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۽ اُنهن کي آباد ڪرڻ جي عملن کي روايتي يا علائقائي قانون، جاگرافيائي، معاشي ۽ سماجي حالتن جي مطابق ڪرڻ هوندو آهي. زمين جي حاصلات ۽ متاثرن کي آباد ڪرڻ جي عملن ۾ تضاد ۽ خامين جي تدارڪ لاءِ پاليسي ساز عمل کي وڌ کان وڌ شراڪتي بڻايو ويندو آهي ۽ پاليسي سازي جي شموليت واري عمل ۾ متاثر مقامي آبادي جي شموليت کي خاص طور تي يقيني بڻايو ويندو آهي.
آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٿر ۾ هن وقت ڪوئلي جي ڪمپنين لاءِ حاصل ٿيندڙ زمين برطانوي ڪالونيل قانون ۽ لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ 1894ع جي ظالماڻي ايمرجنسي شقن تحت عمل ۾ آندي پئي وڃي. زمين حاصل ڪرڻ واري عمل سبب بي دخلي، بي گهر ٿيڻ ۽ ڪمزور ٿيڻ وارا مسئلا پئدا ٿي رهيا آهن؛ ٿر ۾ زمين حاصل ڪرڻ ۽ ٻئي هنڌ منتقلي وارا معاملا بنا ڪنهن سرڪاري پاليسي جي ٿي رهيا آهن، جنهن سبب انهن ۾ زبردستي، هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ، غير شفافيت ۽ معاوضي جي رقم جي ادائگي ۾ گهڻي دير ٿي رهي آهي. گڏو گڏ اهو ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي زمين حاصل ڪرڻ يا ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ اڳواٽ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه پئي ڏني وڃي.زبردستي بي دخل ڪرڻ واري عمل ۽ گائوچر جو ڪوبه معاوضو نه ڏيڻ سبب بي دخل ٿيندڙ ماڻهو سخت بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن، جن ۾ گهڻو انگ بي زمين ماڻهن جو به شامل آهي.ان ڏس ۾ گڏيل قومن پاران ترقياتي ڪمن سبب بي گهر ٿيڻ جي حوالي سان جاري ڪيل ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، اها ڀڃڪڙي ٿر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن سبب زمين حاصل ڪرڻ دوران ٿي رهي آهي. زمين حاصل ڪرڻ واري عمل دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙين توڙي بي ضابطگين سبب مقامي آبادي ۾ محرومي ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي.
اهو سچ آهي ته فيصلي سازي ۾ ٿرڪول کان متاثر ٿيندڙ آبادي جي شموليت جو ڪو به تصور نه آهي. نجي ڪمپنيون، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي بااثر ماڻهن جي گڏيل تعاون سان ٿيندڙ انهن فيصلن کي طاقت جي زور تي مقامي ماڻهن تي مڙهيو پيو وڃي. اهڙين حالتن ۾ مقامي ماڻهن کان ورتل زمين، معاوضي جي تعين، فراهمي ۽ معاشي ذريعن جي بحالي متعلق فيصلا سازي جي عمل ۾ بي ضابطگيون، بدعنواني ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي نظرانداز نٿوڪري سگهجي.
حقيقت ۾ڪوئلي جي مائننگ دوران زمين جي ڀڃ ڊاهه سبب حياتياتي رنگا رنگي کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. ٿر ۾ کاڻين جي کليل کوٽائي جي ڪري وڏي پيماني تي سماجي ۽ ماحولياتي مسئلا پئدا ٿي رهيا آهن.ڪوئلي جي کليل کوٽائي دوران مختلف قسم جي زميني تهن کي کوٽڻ ۽ ڪوئلي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي کاڻيون بند ڪري ڇڏڻ دوران ٿر ۾ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ گهڻن وڻن جون پاڙون ختم ٿي وينديون. ان سان گڏوگڏ، کاڻين مان نڪرندڙ کارو پاڻي ۽ ڪوئلي جي نيڪاسي وارو گدلو پاڻي زير زمين پاڻي سان ملي ويندا، جنهن سبب وڏي پئماني تي زمين جي ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿيندو ۽ مقامي وڻن جي افزائش متاثر ٿيندي. انهن وڻن ۽ ٻوٽن جي خاتمي، جيڪي جانورن لاءِ چارو ۽ جهنگلي جيوت لاءِ رهائش فراهم ڪن ٿا، سبب بائيو ڊائورسٽي تي سخت منفي اثر پوندا. بائيو ڊائورسٽي متاثر ٿيڻ سبب ماحولياتي عدم توازن پئدا ٿيندو، جيڪو چوپائي مال تي دارومدار رکندڙ مقامي آبادي لاءِ خوراڪ جي کوٽ جهڙا مسئلا پئدا ڪندو.
ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي گهرن لاءِ وڏي پئماني تي پاڻي جي گهرج پاڻي ۽ نيڪاسي جو وڏي بحران پئدا ڪندي،ڪوئلي جي کاڻين ۾ وڏي پئماني تي پاڻي ڪڍڻ ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي بوائلرن کي ٿڌوڪرڻ لاءِ پاڻي جي تمام گهڻي فراهمي پاڻي ۽ نيڪاسي جو سخت بحران پئدا ڪندي. زير زمين پاڻي ٻاهرڪڍڻ سبب ٿر ۾ زير زمين پاڻي جي سطح اڃان به هيٺ ٿي ويندي جڏهن ته بجلي گهرن کي فرش مکي ڪئنال مان تجويز ڪيل پاڻي جي فراهمي سبب ڪئنال مان پاڻي کڻندڙ هارين توڙي آبادگارن جا حق متاثر ٿيندا. جڏهن ته ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ کاري پاڻي ۽ ڪوئلي جي بجلي گهرن مان نڪرندڙڪيميائي مادي سبب زير زمين پاڻي گدلو ٿي ويندو. پاڻي جو اهو بحران مقامي ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار سان گڏوگڏٿر جي فطري سونهن کي پڻ نقصان پهچائيندو. ان سان گڏ اهو به ٻڌائيندا هلون ته تجويز ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيم پراڻ ندي جي پيٽ ۾ ٺاهي پئي وڃي، جنهن سبب قدرتي نيڪاسي بند ٿي ويندي ۽ هيٺاهين سنڌ ۾ سخت برساتن سبب مقامي آبادي امڪاني ٻوڏ جو شڪارٿي ويندي.
ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جو اخراج صحت ۽ ماحوليات لاءِ سخت خطرو بڻيل آهي، ڪوئلي جي ٻارڻ مان ماحوليات کي گدلو ڪرڻ جا ڪجهه اخراج ٿين ٿا، جيڪي صحت ۽ ماحوليات لاءِ سخت خطرو آهن.اها پڻ حقيقت آهي ته صحت ۽ ماحوليات جا مسئلا شروع ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اخراج دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ حد تي موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان اخراج جا ڪي به معيار نه جوڙيا آهن، نه ئي وري قومي سطح تي فضا کي صاف ڪرڻ ۽ فضائي گدلاڻ کي گهٽائڻ جو ڪو منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن وقت ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي گهرن مان اخراجن جي مشاهدي جي حوالي سان ڪابه وضاحت نه آهي. جيئن ته ماحوليات کي سگهاري نموني سان بچائڻ جو ڪو طريقو موجود نه آهي، ان ڪري ڪوئلي جي کوٽائي توڙي بجلي گهرن جي اخراج کي ماپڻ جو معيارڏکيو پيو نظر اچي. ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۽ بجلي گهرن جي اخراج سبب مقامي آبادي صحت کي پيش ايندڙ سخت خطرن جي ور چڙهيل آهي، ان سان گڏو گڏٿر جي جوڙجڪ ۽ فطري ماحول پڻ سخت خطري هيٺ آهي.
ٿر جي ماروئڙن کي هر ڀيري اهو يقين ڏياريو ويندو رهيو آهي ته ڪوئلي تي بجلي پئدا ڪرڻ وارا منصوبا ترقي جو نئون دور ثابت ٿيندا ۽ ٿري عوام لاءِ ملازمتن جا موقعا پئدا ٿيندا. جڏهن ته ٿر ۾ ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ ڪول پاور ڪمپنيون اوليتي بنياد تي غير مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي رهيون آهن. سموريون وڌيڪ فني گهرجن واريون نوڪريون ۽ وڌيڪ پگهار واريون نوڪريون ٻين صوبن جي ماڻهن يا وري سنڌ صوبي جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن. جيڪڏهن ٿر واسين کي ڪي نوڪريون ڏنيون به پيون وڃن ته اهي گهٽ پگهار، گهٽ درجي واريون ۽ وقتي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن. ان کان علاوه اهو ته ٿر مان کنيل ملازمن کان استحصالي حالتن ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ کين معمولي ڳالهه تان نوڪري مان فارغ ڪيو وڃي ٿو. تازو ئي گهٽ ۾ گهٽ 150 ملازمن کي هڪ ڪمپني پاران بغير ڪنهن سبب ڄاڻايو نوٽيس جي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي.
آئون ٿرڪول تي پنهنجي بحث کي سهيڙيندي اها ڳالھه ضرور ڪندس ته ٿر ڪول ڪمپنيون هڪ طرف ٿر جي فطري سونهن کي تباھه ڪري رهيون آهن ته ٻئي طرف ڪمپنيون پنهنجن ڪارپوريٽ ڪرتبن ذريعي ٿرين کي پنهنجي تاريخي ڌرتي تان به بيدخل ڪري رهيون آهن.اها به حقيقت آهي ته هاڻ ٿرڪول ڪمپنيون سنڌ حڪومت سان گڏجي هڪ نئين ڪرتب ٿرڪول جي متاثرن کي“رائلٽي” ڏيڻ جي شڪل ۾ سامهون آيون آهن.رائلٽي جي ان پاليسي ۽ قانون کي باقاعدا پارليامنٽ ۾ بل جي صورت ۾ منظور ڪرايو وڃي ها.باقي جهڙي طريقي سان ٿر ڪول ڪمپنين ۽ حڪومت، پاليسي ۽ قانون کانسواءِ متاثرن کي جيڪا رائلٽي ادا ڪئي آهي اهو هڪڙي قسم جو لولي پاپ ۽ ٿرجي ماڻهن سان ويساهه گھاتي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت واقعي سنجيدا آهن ته پوءِ ٿرڪول جي سمورن متاثرن جو قانوني طور رائلٽي جو حق مڃيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مقامي ماڻهن جي شموليت سان رائلٽي ڏيڻ جو باقاعدا هڪ قانون ۽ پاليسي جوڙي وڃي، جنهن تحت متاثرن کي باقاعدا هر سال يا هر مهيني رائلٽي ادا ڪئي وڃي. حڪومت اهو به واضح ڪري ته حڪومت کي ملندڙ رائلٽي جو ڪيترو حصو متاثرن کي ملندو.ان جي لاءِ ضروري آهي ته حڪومت، ٿرڪول رائلٽي ڪميٽي پُڻ جوڙي، جنهن ۾ متاثرن جا نمائندا به شامل هجن. ان کانسواءِ اهو به واضح ٿيڻ گھرجي ته ڪارپوريٽ سوشل ذميواري (سي ايس آر) جو فنڊ هرسال ڪيترو ٿيندو آهي ۽ اهو فنڊ ڪيئن ۽ ڪهڙي مد ۾ خرچ ٿي رهيو آهي. ان جو حساب ڪتاب به متاثرن جي آڏو پيش ٿيڻ گھرجي.