رائونتي: مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪچي وڃڻ جو فيصلو

0
259

رائونتي (ن پ ا) رائونتي ويجھو ريتي واسي مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ برادري جي ماڻهن جو ڪٺ ٿيو، جنهن دوران احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪچي ۾ وڃي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، واضح رهي ته گذريل ڏينهن نوجوان کي اغوا ڪيو ويو ھو، جنهن جي موٽرسائيڪل ريتي روڊ تان وارثن کي ملي هئي، نوجوان اڪبر چاچڙ ڏھر ڪي کان واپس ڳوٺ ايندي مبينا اغوا ٿي ويو هو..