سيئول (م ڊ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن چيو آهي ته اسان جو هدف دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي جوهري طاقت بڻجڻ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جوهري صلاحيتن ۾ واڌ سان ملڪ ۽ عوام جي وقار ۽ خودمختياري جو تحفظ ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪم جونگ ان تازي ميزائل تجربي تي ڪيترن ئي اهلڪارن ۽ سائنسدانن کي ترقي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي اتر ڪوريا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل هواسانڪ سترهن کان ارڙهن نومبر تي ٽيسٽ ڪيو هو جنهن کي ڪم جون اُن ميزائيل کي دنيا جو سڀ کان مضبوط اسٽريٽجڪ هٿيار قرار ڏنو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪم جونگ اُن ٽيسٽ ۾ شامل سائنسدانن، انجنيئرن ۽ فوجي اختيارين سان گروپ ڦوٽو به ڪڍرايا آهن. جڏهن ته سندس ڌيءَ به ساڻس گڏ هئي.