مظفر آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ 31 ورهين بعد مڪاني چونڊ، تحريڪ انصاف کي ٻن ضلعن ۾ سري، راڄڌاني مظفرآباد ۾ شڪست، ميونسپل ڪاميٽي مظفرآباد ۾ نواز ليگ 8 سيٽن سان ميدان ماري وئي. مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ مظفرآباد ڊويزن جي 3 ضلعن نيلم، جهلم ويلي ۽ مظفرآباد ۾ پولنگ ٿي، اليڪشن ۾ عورتن به ڀرپور شرڪت ڪئي، ڪڇ تي ٻار کنيل مائرون به ووٽ وجهڻ پهتيون، بزرگ ۽ نوجوان به ووٽ ڏيڻ آيا. غيرحتمي ۽ سرڪاري نتيجن موجب ڪل 74 سيٽن مان 41 سٽين جا نتيجا سامهون آيا آهن، ميونسپل ڪارپوريشن مظفرآباد جي 36 مان 26 وارڊن جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا سامهون آيا آهن، نتيجن موجب ميونسپل ڪارپوريشن مظفرآباد ۾ نواز ليگ کي 8 سيٽن تان سرسي حاصل آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف 6 ۽ پيپلزپارٽي کي 6 سيٽون مليون، 5 سيٽون آزاد اميدوار ٻهاري ويا، هڪ سيٽ تي مسلم ڪانفرنس ڪاميابي ماڻي. جهلم ويلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ سخت مقابلو ٿيو، جهلم ويلي جي 18 مان 12 سيٽن جا نتيجا اچي ويا، نتيجن موجب تحريڪ انصاف 6 سيٽن کڻي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، نواز ليگ 4 ۽ پيپلزپارٽي 2 سيٽن تي ڪامياب ٿي آهي. وادي نيلم جي ڪل 15 يونين ڪائونسل ميمبرن جي غيرحتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف 7 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي، پيپلزپارٽي  ۽ نواز ليگ 3-3 سيٽن تي ڪامياب ٿيون، آزاد اميدوار 2 سيٽن تي ڪامياب ٿيا آهن، واضح رهي ته 614 مڪاني سيٽن تي 2 هزار 725 اميدوارن اليڪشن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته 19 اميدوار پهرين ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.