دنيا جو انوکو ڳوٺ: رهواسين کي اوچتو هفتو هفتو ننڊ

0
607

المائي(دلچسپ نيوز) دنيا ۾ هڪ اهڙو انوکو ڳوٺ قائم ٿيل آهي جٿي رهواسين کي اوچتو هفتو هفتو ننڊ اچيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب قازقستان جي صوبي اقمولا ۾ هڪ انوکو ۽ بدقسمت ڳوٺ آباد ٿيل آهي، ڳوٺ جا ماڻهو ڪم ڪندي ڪندي اوچتو سمهي رهندا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ته ڳوٺاڻا هفتي هفتي تائين ستا پيا هوندا آهن، ڳوٺاڻن وٽ ننڊ لاءِ ڪوبه وقت مقرر ناهي ۽ ڪنهن مهل به ننڊ اچي ويندي آهي ۽ پوءِ اها ڪيترائي ڏينهن رهندي آهي. سائنسدانن ان حوالي سان تحقيق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڳوٺ ويجهو يورينيم جي کاڻن سبب ڳوٺاڻن ۾ اها ننڊ جي بيماري آهي. هنن جو چوڻ آهي ته کاڻن مان خارج ٿيندڙ ڪاربان مونو آڪسائيڊ سبب هوا ۾ آڪسيجن جو مقدار گهٽجي ويندو آهي انڪري ننڊ جو سبب بڻجندو آهي.