عورت کي رڌڻي ۾ ڪم دوران وارن ۾ باهه لڳي وئي

0
229

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) عورت کي رڌڻي ۾ ڪم دوران وارن ۾ باهه لڳي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ هڪ عورت جي انوکي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ عورت کي رڌڻي ۾ ڪم دوران وارن ۾ لڳل باهه ڏسي سگهجي ٿي.

عورت وارن ۾ باهه لڳي وڃڻ باوجود بي خبر رهندي ڪم ڪندي رهي پر جڏهن باهه جي شدت وڌي وئي ۽ تيزي سان پکڙجڻ شروع ڪيو ته پوءِ عورت محسوس ڪيو ۽ جلد ئي هٿ سان باهه کي وسائي ورتو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين جا سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن.