دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي سلمان ملڪ پنھنجي گهر واري حاجران ملڪ کي ڇري جا وار ڪري ڪھي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار سلمان ملڪ گهر واري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد دريا خان مري ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. جڏھن ته عورت جي بيدردي سان قتل ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سوين شھري گڏ ٿي ويا، دريا خان مري پوليس پڻ واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ٿيل عورت جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ايس ايچ او دريا خان مري موجب قتل ٿيل عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو آھي جوابدار پنھنجي گھر واري کي ڇو قتل ڪيو آھي ان جو سبب معلوم ناھي ٿي سگھيو، جاچ ڪري رهيا آهيون ته جوابدار گهر واري کي ڇو قتل ڪيو. هوڏانهن عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان حوالي سان جوابدار جي وارثن جو چوڻ آھي ته جوابدار سليمان ملڪ جو ذھني توازن درست نه ھو ۽ سندس دماغ جو علاج ھلندڙ آهي، هوڏانهن جوابدار موجب ته منھنجي گھر واري فون تي گھڻو ڳالھائيندي ھئي فون تي ڳالھائڻ تان کيس ڪيترا ڀيرا منع ڪيو مگر زال چيو نه مڃيو جنھن سبب کيس قتل ڪيو آھي.