اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرن جو احتجاج ٻئي مهيني ۾ داخل، متاثرن ڳوٺ ڀرسان ڪيمپ تي ويهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. تفصيل موجب ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي متاثر ڪولهي برادريءَ جي ماڻهن ڪالھه61هين ڏينهن به مگهن ڪولهي، گڻيسو ڪولهي، ڪستورو، ڌرمون، هنسراج ۽ هيرو ڪولهي جي اڳواڻي ۾ گهرن ڀرسان قائم ڪيل ڪئمپ تي ويهي احتجاج جاري رکيو، جتي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته اسان جا 200 گهر بلاڪ ون جي پاور پلانٽ ٺهڻ سبب متاثر ٿي رهيا آهن. اسان جا لنگھه مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن. گذريل ٻن مهينن کان دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪمپنيون هڪ ٻئي تي هڻي اسان جو جائز مسئلو حل ڪرڻ لاء تيار نه آهن. هنن چيو ته اسان جو صرف هڪ ئي مطالبو آهي ته متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي، جيئن اسين آزادي سان زندگي گذاري سگهون. هنن چيو ته هر بلاڪ ۾ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جي پاليسي آهي پر اسين غريب آهيون، انهي ڪري معمولي معاوضي تي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. متاثرن واضح ڪيو ته کين متبادل رهائش ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.