دريا خان مري: ناري کي مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿيندڙ جوابدار سوگها

0
208
دريا خان مري: ناري کي

دريا خان مري(ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان چاناري اسٽاپ وٽ ڪار سوارن امبر ڌيءَ عنايت الله عمراڻي کي مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ڪار سوارن جو پيڇو ڪري ڪار ڊرائيور سميت ڪار سوار ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت کي پڪڙي ورتو.

ايس ايڇ او دريا خان مري مجيب الرحمان ناريجو موجب اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرايو آهي، کيس اغوا ڪندڙ ھڪ عورت سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي جاري آھي.