ڪراچي:سموري ملڪ جي 42 مان 41 ڪئنٽونمينٽ بورڊز جي اليڪشن لاءِ پولنگ جاري، مختلف ھنڌن تي جھيڙا

0
309
ملڪ جي 42 مان 41 ڪئنٽونمينٽ

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ جي 42 مان 41 ڪئنٽونمينٽ بورڊز جي اليڪشن لاءِ پولنگ جاري، 206 وارڊز ۾ هڪ هزار 560 اميدوار ميدان تي لٿل، صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندي، 7 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا، اٽڪ جي ڪامره جَي چئن وارڊز، راولپنڊي ۽ پنو عاقل جي هڪ هڪ وارڊ ۾ پولنگ ملتوي، لاهور ۾ ڪنهن به عورت اميدوار اليڪشن ۾ حصو نه ورتو.

جڏھن تھ ڪئنٽونمينٽ بورڊز اليڪشن ۾ 684 اميدوار آزاد حيثيت سان ميدان تي لٿل آھن، سياسي پارٽيز جي 876 اميدوارن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آھي، سڀ کان وڌيڪ تحريڪ انصاف جا 183 اميدوار آهن، نون ليگ جا 144، پيپلز پارٽي جا 113۽ جماعت اسلامي جا 104، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا 83، متحده قومي موومينٽ جا 42، پاڪ سر زمين پارٽي جا 35، مسلم ليگ قاف جا 34 ۽ جي يو آءِ(ف) جا 25 اميدوار قسمت آزمائي رهيا آهن، 21 لک 97 هزار 741 ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ جَي 8 ڪئنٽونمينٽ بورڊز ۾ پولنگ جو عمل جاري، ڪراچي، ڪلفٽن، ملير، فيصل، ڪورنگي ڪريڪ، منهوڙا، حيدرآباد ۽ پنو عاقل بورڊز ۾ ووٽنگ جاري آھي، مختلف پولنگ اسٽيشنز تي سياسي پارٽيز جَي ڪارڪنن ۾ منهن ماري جا واقعا رپورٽ: ملير جي بلال جوکيو پولنگ اسٽيشنز تي ووٽرز وڙهي پيا: پيپلز پارٽي طرفان ڪورنگي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي ايز فهيم خان ۽ راجا اظهر مٿان ووٽرز کي هراسان ڪرڻ جو الزام، چونڊ  ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪري ڇڏي.