پنو عاقل: ڪنٽونمينٽ چونڊون، پئسن جو استعمال، وڊيو وائرل

0
220
مڪاني چونڊن جون

پنو عاقل(ن پ ا) پنو عاقل لڳ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊ ۾ مبينا طور ووٽ وٺڻ لاءِ پئسي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن  جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

الله بخش بروهي ڳوٺ ۾ ٺيڪدار شريف ڀيو جي مبينا طور ووٽرن ۾ پئسا ورهائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي.

مخالف اميدوار منير احمد مهر جو چوڻ آهي ته پ پ اميدوار احمد علي سومرو شڪست آڏو ڏسي ٺيڪيدار معرفت پئسن ذريعي ووٽ وٺي پيو.

پ پ اميدوار احمد علي سومرو جي ڀاءُ رفيق سومرو چيو ته الزام اجايا آھن، وڊيو سان واسطو ناهي، مهرن پاڻ ڊرامو ڪرايو آھي، ووٽرن کي حراسان ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڳوٺ ۾ 2 پولنگ اسٽيشنز قائم آهن جتي 422  ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.