دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ حيدر بخش وڳڻ ۾ معمولي ڳالهه تان وڳڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري مظھر وڳڻ پٽ لعل ڏنو وڳڻ ۽ عرفان پٽ خان محمد وڳڻ زخمي ٿي پيا زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل مظھر وڳڻ پٽ لعل ڏنو زخمن جي سور نه سھندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، فوتي جو اطلاع ملڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو. آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل م نه اچي سگھي. دريا خان مري اسپتال ۾ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ ٿين ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.