دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ گٽر ۽ ناليون اٿلي پيون آهن ۽ شهر ۾ گندو پاڻي بيهي ويو آهي. ان ڏس ۾ دادو شهر ۾ گٽر ۽ ناليون اٿلڻ سبب سئنيما چوڪ ، شاهاڻي ، مارڪيٽ روڊ تي ڊرينيج جو گندو پاڻي بيهي ويو آهي جنهن سبب شهرين کي روڊن ، رستن تان گذرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي ، جڏهن ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب شاهاڻي ، شمس آباد ، مکي گهٽي ، ڌمالي چوڪ ، مزدورآباد ۽ ٻين پاڙن جي روڊن ، گهٽين ۾ گند ڪچري جا ڍير پيل هئڻ ڪري بدبوء پکڙجي وئي آهي جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن