سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ مسيحي برادريءَ پاران نياڻي جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نيوپنڊ جي رھواسي نعيم صادق، پادري منير پشير، رفاقت مسيح، پطرس ۽ ٻين دانيهندي چيو ته 3 ڏينھن اڳ 15 ورھين جي نياڻي شنزا مسيح کي بااثر اغوا ڪري کڻي ويو آھي، اھڙي دانھن حد جي پوليس کي ڏني آھي پر پوليس ڪو تحرڪ ناھي ورتو، هنن چيو ته پوليس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نينگري نابالغ آھي نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.