ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ويجھو چئن ڏينهن کان گم نوجوان بيهوشي جي حالت ۾ هٿ آيو آهي،ان ڏس ۾ بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي جي حد مان ڳوٺ شادي خان عالماڻي واسي 18 ورهين عمران شيخ چار ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو جيڪو سندس گهر ڀرسان ڍنڍ مان بيهوشي واري حالت ۾ مليو ماهيگرن نينگر کي ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد وارث پهچي نينگر ٽنڊومحمدخان اسپتال کڻائي ويا جتي نينگر هوش اچڻ بعد واپس ڳوٺ کڻائي ويا.