دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان خدآباد سيپڪو ۾ خانگي طور ڪم ڪندڙ 30 سالن جو پورهيت محمد سومر طالباڻي پنهور خدآباد فيڊر بند ڪري بجلي جي پول تي ڪم ڪري هو ته اوچتو بجلي چالو ٿيڻ ڪري 11 هزار والٽ جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي هيٺ ڪري پيو جنهن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آڻڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ شريف نيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو آهي ، ڪرنٽ سبب فوت ٿيل نوجوان جو مڙھ ڳوٺ طالباڻي پنهور ۾ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.