صلاحڪار ٿيندي ئي منظور وساڻ ڪهڙا نوان خواب ڏسي ورتا؟؟

0
699
معافي جو وقت گذري ويو،
معافي جو وقت گذري ويو، عمران خان کي مصيبت ۾ ڏسي رھيو آھيان: منظور وساڻ

ڪراچي: تازو ئي وڏي وزير جو صلاحڪار ٿيندڙ منظور وساڻ نيون پيشنگويون ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال آگسٽ تائين صورتحال تبديل ٿي ويندي وڏي تبديلي ڏسي رهيو آهيان. هن چيو ته جي ڊي اي جو نالو ختم ٿي ويندو، فنڪشنل ليگ جي بحال ٿيڻ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. منظور وساڻ چيو ته اليڪشن کان اڳ ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ڇڏي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿي ويندا، مشرف واري راند کيڏي ويندي، عمران خان مجبور ٿي وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪندو، شيخ رشيد جھڙا وزير ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيندا، انھن کي اقتدار ۾ رھڻو آھي، اپوزيشن ۾ نه. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ئي ماڻهن خلاف ڪيس ٺاهيندو. منظور وساڻ چيو ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ مستقبل ۾ اختلاف هوندا، مولانا جيڪا تحريڪ هلائي تنهن ۾ ڪامياب ٿيو پر گي سال مشڪل وارو هوندو، ھاڻي مستقبل بلاول ڀٽو زرداري جو آھي، باول ڀٽو جوان آھي ، اھو ئي وزيراعظم بڻجڻ وارو آھي ، عمران خان ۽ نواز شريف 70 سال پار ڪري چڪا آھن .