ميرپوربٺورو (ن پ ا) سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ثقافتي سرگرمين جو روح روان ۽ ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجا ڀلوڙ گهوڙا ڊوڙائيندڙ وڏيرو لکاڏنو پنهور لاڏاڻو ڪري ويو. ميرپوربٺوري جو معزز، وڏيرو لکاڏنو پنهور ڪجھه ڏينهن بيمار رهڻ بعد ڳوٺ بلو پنھور ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ بلو پنهور ۾ ادا ڪئي وئي. آخري رسمن ۾ ايم پي اي شاھ حسين شيرازي، ڊاڪٽر قاسم خواجه، وڏيرو مجيد پنهور، حاجي گلزار ٻارڻ، شوڪت سومرو، قادر خاصخيلي سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.