دادو (رپورٽر ) ٽنڊو رحيم ٿاڻي جي حد ۾ 11 فيبروري تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالوحيد پٽ عبدالحق مهيسر جي ڀاءُ مسعود مهيسر پاران ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي جي ايس ايچ او شوڪت لنڊ، ميهڙ بي سيڪشن جي ايس ايچ او ڪابل ڀيو، سي آءِ اي ميهڙ جي انچارج نديم سولنگي سميت 10  اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ فرسٽ ايڊيشنل سيشن دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي،  وڪيلن جي دليلن بعد عدالت جاچ آفيسر ڊي ايس پي جوهي کي حڪم ڏنو   ته مارجي جي ڀاءُ معسود ۽ ٻين وارثن جي بيانن کي سرڪاري مدعيت ۾  مقابلي واري داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري جاچ ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهلڪارن تي ثابت ٿئي ته هنن نوجوان کي  گرفتار ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيو آهي ته پوءِ ڄاڻايل اهلڪارن جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيا وڃن، مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالوحيد جي ڀاءُ مسعود مهيسر درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته اهلڪارن سندس ڀاءُ کي گهر مان کنڀي کڻي وڃڻ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪيوآهي.