ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس ڪفالت سينٽرن تي عورتن کي امدادي رقم ملڻ جو سلسلو جاري آهي، اڪثر سينٽرن تي عورتن ڪٽوتي ڪرڻ جون دانهون ڪيون، مختلف شهرن ۾ رقم مان ڪٽوتي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ گاجي کهاوڙ احساس سينٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر وارهه پهتو، عورتن پاران ڪٽوتي جون دانهون ڪيون ويون، اسسٽنٽ ڪمشنر عورتن کي ايجنٽن پاران ڪٽيل پئسه واپس ڪرايا ويا.غوثپور ۾  مورزادي نصيران خاتون ۽ ٻين ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو آهي ته ايجنٽ پوليس ۽ ٻين مقرر ٿيل عملدارن جي موجودگي ۾ هڪ کان ٻن هزارن جي ڪٽوتي ڪري  رهيا آهن .گمبٽ شھر جي ڪميونٽي سينٽر ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن کي ملندڙ 14 ھزار رپيا وظيفي مان 2 ھزار رپيا ڪٽوتي جون شڪايتون ختم نه ٿيون. احساس ڪفالت سينٽر انچارج صحافين کي اعتراف ڪندي چيو ته مستحق عورتن کي ملندڙ رقم مان ھڪ کان 2 ھزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ جون شڪايتون ملنديون رھن ٿيون. ڇاپا هڻي ڊوائس مافيا کان ڪٽوتي ڪيل رقم واپس به ڏياري آهي.قاضي احمد ھائيرسيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن اسڪول اندر احساس ڪفالت سينٽر قائم ٿيڻ خلاف ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جان محمد ڪليار، ارشاد بلر، حاجي خان جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.ڪلوئي ۾ احساس ڪفالت جي رقم مان سرعام ڪٽوتي جاري آهي، اي سي ۽ ٻين سينٽر جو دورو ڪري ڪجهه عورتن کي ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي،ڇاڇرو ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي پهچڻ شرط ايجنٽ ڪم بند ڪري غائب ٿي ويا، جنهن بعد مستحق عورتن مونوٽيڪنيڪل ڪاليج جي گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو،باھو کوسو ۾ پ پ شھيد ڀٽو مستحقن لاءِ آيل وظيفي مان ڪٽوتي خلاف ادب حسين ڊومڪي، شاھد حسين ٽانوري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.عرضي ڀٽو ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي ڊوائيز هولڊر مستحق عورتن جي آيل 14 هزار مان هڪ هزار ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، عورتن صحافين آڏو دانهون ڪيون.رتيديري ۾ عورتن الهورائي، حنيفان ، بلقيس خاتون ، مسمات ارشاد ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ٽن ڏينهن کان سينٽر جا چڪر ڪاٽي رهيون آهيون پر اڃا تائين امدادي رقم ناهي ملي.ٽالهي ۾ ٻن ڏينهن کان احساس ڪفالت سينٽر بند هجڻ سبب مستحقن کي رقم جي وصولي جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو، جنهن خلاف مستحق عورتن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اي سي جو چوڻ آهي ته اڄ تائين سينٽر کلي ويندو،ٿاڻوبولاخان جي گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي اسپورٽس حال ۾  قائم احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن دانهيندي چيو ته ايجنٽ مختلف بهانا ڪري رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ڀٽ شاهه جي احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن دانهيندي چيو ته  سينٽر تي پاڻي سميت ڪي به سهولتون ناهن، هنن چيو ته   14 هزار جي قسط مان ايجنٽ مافيا 1000 کان 2000   ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ڌاٻيجي ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن دانيهندي چيو ته وظيفي جي رقم مان  في ڪارڊ تي ھڪ ھزار کان 2 ھزار رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. دادو ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن ۽ ساڻن گڏ ايندڙ مردن جي رش دوران اهلڪارن پاران گيٽ آڏو گڏ ٿيلن جي مٿان لاٺي چارج ڪري کين پوئتي هٽائي ڇڏيو، لاٺي چارج دوران اهلڪارن پاران عورتن کي ڌڪا  ڏئي گيٽ تان هٽائي ڇڏيو،ان حوالي ان مسمات نظيران دانهيو ته مونکان ڊوائيس تي آڱوٺو هڻائي پئسا ڏيڻ لاءِ  ويهاري شام جو چيو ته سڀاڻي پئسا وٺي وڃجو، چون ٿا ته تون پئسا وٺي وئي آهين، مسمات سڀائي ، نور خاتون ، حسنا ، زرينا ، فرزانه ۽ ٻين چيو ته  سينٽر وارا اسان کان 2/ 2 هزار رپين جي ڪٽوتي ڪن ٿا.