دادو: برطرف ڪيل پوليس اهلڪار  ٻچا وڪڻڻ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو

0
263
برطرف ڪيل پوليس

دادو(ن پ ا) جوهي واسي برطرف پوليس ڪانسٽيبل محبوب گاڏهي ٻچا وڪڻڻ لاءِ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. برطرف ڪيل اهلڪار محبوب گاڏهي جو چوڻ آهي ته ڌيءَ ثانيه فالج ۾ مبتلا آهي نه ٻارن جو علاج ڪرائي سگهان ٿو نه ٻار پالي سگهان ٿو .هن چيو آهي ته 2012 ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ 2017 ۾ برطرف ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي.هن چيو آهي ته گهر ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آهي، نوڪري تي بحال ڪري پگهارون جاري ڪيون وڃن.