سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور جي مصروف ترين مال روڊ سميت ٻين علائقن ۾ سرڪاري ملڪيتن متعلق داخل درخواست واري ڪيس جو لکت ۾ عدالت فيصلو جاري ڪندي نيب سکر کي سرڪاري زمينن، ڪوارٽرن، بنگلن تي قبضن، غير قانوني الاٽمينٽ، عمارتن جي تعمير، رھائشي توڙي ڪاروباري سرگرمين متعلق جاچ ڪري 29 اپريل تي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.