جونگل (ن پ ا) جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلاب بنگلاڻي مان هڪ ڄڻو ڪيومل ڀاگڙي جي اغوا ٿيڻ بعد ساڳي جاءِ تان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند ڪوئٽا واسي ٽرڪ ڊائيور موسيٰ پٺاڻ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته هٿياربندن ٽرڪ جي ڪلينر شفيع الله پٺاڻ کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌڌ پهتي، ان حوالي سان اغوا کان بچي ويل شفيع الله پٺاڻ ٻڌايو ته اسان هنداڻن سان ڀريل ٽرڪ ڪاهي وڃي رهيا هئاسين ته جليل بنگلاڻي اسٽاپ وٽان هٿيار بندن ٽرڪ ڊائيور کي لاٿو ۽ تلاشي ورتي، جنهن بعد هٿياربندن ڪلاشن جا بٽ هڻي مونکي زخمي ڪيو ۽ ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا، ٻي طرف واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا پهچي ويا، ان موقعي تي شفيق بنگلاڻي، راجا حنيف بنگلاڻي، عرفان شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، روز اغوا جون وارداتون پيون ٿين، هنن مطالبو ڪيو ته امن قائم ڪرايو وڃي، ٻي طرف ايس ايڇ او بي سيڪشن رضامحمد کوسو ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري آهي، ڪنهن به جوابدار کي بخش نه ڪيو ويندو، جلد مغوين کي بازياب ڪرائينداسين.