ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لاڙڪاڻي مان بدلي ڪيل ايس ايس پي مسعود بنگش جي جاءِ تي عمران قريشي کي ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي، سينٽرل پوليس آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 18 هين گريڊ جي ايس پي جاچ ٽو ملير عمران قريشي کي بدلي ڪري ايس ايس پي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود بنگش کي هٽائي سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.