سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور واسي وڪيل غلام رسول چانڊيو طرفان خيرپور سولر سسٽم پروجيڪٽ ڪرپشن جي ور چڙھڻ بابت داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي ۽ سي ايم او خيرپور عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست گذار وڪيل غلام رسول چانڊيو موجب اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ، خيرپور جي شھرين کي سي ايم اسپيشل سولر پروجيڪٽ خيرپور سٽي ۽ تعلقي لاءِ ڏنو ھو، جنھن تحت سولر لائيٽس جا 45 ملين رپين جي لاڳت سان 370 پول خيرپور سٽي ۽ 80 ملين جي لاڳت سان 677 پول خيرپور تعلقي ۾ لڳڻا ھئا، جنھن جو ٺيڪو پ پ ايم اين اي مھرين ڀٽو جي ڀاءٌ ڪاشف ڀٽو حوالي ڪيو ويو. جنھن من سپند جاين تي ھنيا ۽ وڏي تعداد ۾ پول لڳا ئي ڪو نه. جڏھن ته 5 سال جي مينٽيننس جي لاءِ رکيل ڪروڙين رپين جي رقم به پھرين سال اڳواٽ ئي ڪڍرائي وئي. پروجيڪٽ جي مڪمل رقم توڙي مينٽيننس جي رقم به جاري ٿي چڪي آھي پر سولر پروجيڪٽ مخصوص علائقن کان سواءِ ڪٿي آھي ئي ڪو نه. جنھن ڪري شھرين کي جيڪا سھولت ملڻ گھرجي ھا شھري اُن کان وانجھيل آھن. گذريل ٻڌڻيءَ تي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي عدالت سي ايم او خيرپور کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ھو ۽ ڊي سي خيرپور کي اِن پرسن پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو. سي ايم او خيرپور عدالت ۾ شوڪاز نوٽيس متعلق وضاحتي بيان جمع ڪرايو. جڏھن ته عدالت ڊپٽي ڪمشنر کان سولر سسٽم پروجيڪٽ متعلق پڇاڻو ڪيو. جنھن تي ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته سولر سسٽم جون بيٽريون ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو آھي، جنھن تي جسٽس آفتاب احمد گورڙ سخت ڪاورڙ جو اظھار ڪندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سامان جي حفاظت ڪرڻ ڪنھن جو ڪم آھي، سامان ڪيئن چوري ٿيو، ڇا ذميوارن اِن متعلق ڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي؟ جنھن بعد عدالت پروجيڪٽ جي لاڳت ڪم متعلق مڪمل تفصيل ۽ غير فعال سولر لائيٽس کي فعال بڻائي تفصيلي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي 6 مئي تي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.