ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ ڌرتي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي کان ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال تائين ريلي ڪڍي ويئي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري زمين تي تڪڙين موسمي تبديلين ۽ گرمي پد ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙين تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حل لاءِ ماحوليات بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هوڏانهن ماحوليات کاتي ضلعي شھيد بينظيرآباد پاران زمين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ٻوٽا پوکي ڏھاڙو ملھايو ويو، اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران ڌرتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿر ملين ٽري پراجيڪٽ تحت 9 لک 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويا. ڪڍڻ ۾ ڌرتيءَ جي عالمي ڏھاڙي تي مسلم ھينڊز جي ڪارڪنن شاھد علي راھمون، ڊاڪٽر عرفان چانڊيو سيد حسن علي، طالب ٿيٻو، نوراحمد ٿڀٻو پاران ڪڍڻ شھر ۽ ڀرپاسي وارن مختلف ڳوٺن ۾ سون جي تعداد ۾ ٻوٽا پوکيا ويا. ميرپور ساڪرو ڀرسان يو سي سکپور جي ڳوٺ عزت خان لاشاري ۾ ڌرتي ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. سجاول ۾ اين آر ايس پي پاران ڳوٺ پيرو پٽيل ۾ وڻ پوکيا ويا ۽ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ انوائروميٽل پروٽيڪشن ايجنسي پاران شهر جي چوڪن، چوراهن ۽ گهٽين ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ بينر لڳايا ويا