ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار سکر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر الطاف عباسي کي 9 سالن کانپوءِ بحال ڪري ڇڏيو، معلوم ٿيو آهي ته ڪاليج کاتي سکر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر پروفيسر الطاف عباسي کي 650 کان وڌيڪ جعلي ڀرتيون ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو هو، جنهن کي سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران 9 سالن بعد بحال ڪيو ويو آهي. بحال ٿيل ايسوسيئيٽ پروفيسر الطاف عباسي جي بحالي واري آرڊر ۾ کيس پهرين فيبروري 2012ع کان بحال ڄاڻايو ويو آهي.