ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير جسٽس ( ر) سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته رمضان جَي ڀلاري مهيني ۾ والدين کي پرچايو ويندو آهي پر منهنجو پُٽ علي حيدر شاهه وري اسان تي ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي، منهنجون پٽن سان ٺاهه واريون ڳالهيون ڪوڙيون آهن، مون پٽ شبير حيدرشاهه، ڊاڪٽر علي حيدر شاهه، پوٽي نواز علي شاهه ۽ قربان علي شاهه ۽ ڌيءِ شاهده خاتون سان لا تعلقي ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه هتي پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سندس وڏن پُٽن کيس، زال ۽ پُٽ سيد صفدر حيدر شاهه کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، مون انهي مامري جو ڪيس آڪٽوبر 2020ع ۾ داخل ڪرائي پٽن سان لاتعلقي ظاهر ڪئي، بعد ۾ منهنجي پٽ علي حيدرشاهه 3 ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪي عدالتن ۾ هلن، هاڻ پٽن پاران ٺاهه ٿيڻ جا ڪوڙا افواهه پکيڙيا پيا وڃن، هن چيو ته سندس پٽ سيد صفدر حيدرشاهه ئي سندس وارث آهي، هن سنڌ سرڪار پاران کيس فراهم ڪيل سيڪيورٽي تي به مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو.