خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه جي خانگي ويم گهر ۾ عورت ويم دوران ٻار سميت بيهوش ٿي وئي، کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي ۽ ٻارڙي کي سيوهڻ اسپتال داخل ڪيو ويو، وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غلط آپريشن ۽ غفلت جو الزام هنيو آهي. ان ڏس ۾ سينئر صحافي يوسف ٻگهيو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي سلميٰ جنهن جي عمر 30 سال ۽ ٽن ٻارڙن جي ماءُ آهي جنهن کي ڊاڪٽرياڻي سميران جي غلط آپريشن ٿيڻ سبب عورت جا گڙدا فيل ٿي ويا آهن, جنهن جي ڪري عورت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي ۽ انتهائي نازڪ حالت ۾ آهي جنهن کي پڻ ڪراچي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نئين ڄاول ٻارڙو پڻ آئي يو سي سيوهڻ ۾ داخل آهي جنهن جي به نازڪ حالت آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي سميران نارمل ڊليوري به پئسن جي لالچ ۾ آپريشن ڪري ٿي جڏهن ته سندس خانگي اسپتال ۾ ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن. هن اعليٰ اختيارين کان انڪوائري جو مطالبو ڪيو ته سميران ڊاڪٽرياڻي جي ڪلينڪ کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽرياڻي سميران ٻڌايو ته سلميٰ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو سهي سلامت گهر هليا ويا باقي هن کي پيشاب جي رنڊڪ جو مسئلو هو مون هن کي چيو ته هڪ دفعو هن کي لاڙڪاڻي کڻي وڃي ڪنهن يورين واري ڊاڪٽر کي ڏيکاريو پر هنن انڪار ڪيو، جنهن جي ڪري هن پيشاب واري نلڪي چاڙھي جنهن تي هن چيو ته نلڪي ڪڍو، نلڪي ڪڍڻ باوجود پيشاب سهي اچڻ لڳو ۽ هو ٻار سميت سهي سلامت گهر هلي وئي ٻارڙي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته ٻار آپريشن دوران سهي هو، ٻار کي کير به پياريو ويو. ٽن ڏينهن کان پوء ٻار کي هنن ٻي ڊاڪٽر وٽ کڻي ويا جتي ڊاڪٽر هنن کي ٻڌايو ٻار کي جهٽڪا اچي رهيا آھن. هن کي کڻي ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو پر هنن ائين به نه ڪيو. مون تي الزام غلط آھن هن چيو ته جڏھن آپريشن خير خيريت سان ٿي ٻار به سهي سلامت نڪتو ۽ منهنجي ڪلينڪ مان سهي سلامت گهر هليا ويا پوء انهي ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوھ آھي؟ جيڪڏھن آپريشن دوران ڪجھ ٿي ها ته مون تي الزام لڳي ها.