حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڏوهن ۾ اضافي جي باوجود ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي حيدرآباد کي 6 مهينن جي ڪارڪردگي تي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج شرجيل کرل جي صدارت هيٺ ٿيل ضلعي جي ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايچ اوز جي گڏجاڻي ۾ جيتوڻيڪ شهر جي مختلف علائقن ۾ ٿيل ڏوهن جي وارداتن بابت هدايتون به ڏنيون ويون پر ان جي باوجود 6 مهينن جي ڪارڪردگي تي ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ کي تعريفي سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو. ڊي آءِ جي پاران مارڪيٽ، حالي روڊ، حسين آباد ۽ ڀٽائي نگر جي ايس ايچ اوز کي به سي سي ٿرڊ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ بئنڪ مان لکين رپين جي ڦر سميت ڦرلٽ جون ڪيتريون ئي وارداتون ٿيون آهن جڏهن ته بئنڪ جي ڦر دوران هڪ سيڪيورٽي گارڊ به مارجي ويو هو. مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان به ڦرلٽ جون ڪيتريون ئي وارداتون ٿيون آهن. ان کانسواءِ حسين آباد ۽ حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ به ڦرلٽ ۽ چوريون جون وارداتون ٿينديون رهيون آهن پر ڊي آءِ جي حيدرآباد انهن وارداتن تي اکيون بند ڪري ايس ايچ اوز کي سرٽيفڪيٽ ڏنا. پوليس آفيسرن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ڊي آءِ جي ڦليلي جي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او کي حڪم ڏنو ته هو ڦرلٽ جي وارداتن ۾ ڦريل شيون برآمد ڪن ۽ انهن ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن ايس ڊي پي او حسين آباد ۽ ايس ايچ او بي سيڪشن کي حڪم ڏنو ته هو ڪرائيم نمبر 68/2021ع ۾ ڦريل ملڪيت واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري. ڊي آءِ جي شرجيل کرل ايس ڊي پي او سائيٽ ۽ ايس ڊي پي او هوسڙي کي اشتهاري ۽ مفرور جي گرفتارين ۽ غيرقانوني هٿيارن جي برآمدگي تي ناقص ڪارڪردگي تي نوٽيس به جاري ڪيا.