ٺري ميرواهه/ٽنڊوميرعلي (نمائندن وٽان) ٽنڊو ميرعلي واسڻ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھائيندڙ ناري ڪنول آرائين ۽ سندس ماءُ نسيم صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسڪول کان گهر وڃي رهي هيس ته ڪار سوارن رستو روڪي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي ماڻهو پهچڻ تي فرار ٿي ويا، ناري ڪنول آرائين اغوا ڪوشش جي خبر ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور نوٽيس ورتو، ٺري ميرواھ ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪنول آرائين جي فرياد تي ڦر ۽ اغوا جو ڪيس مقصود شر سميت پنج اڻ سڃاتلن خلاف داخل ڪيو ويو، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي مقصود شر ٻڌايو ته ڪنول سان پسند جي شادي ٿيل آهي، ڪجهه ڏينھن ناراض ھئي، گھر هلڻ لاءِ چيومانس تي اغوا جو الزام لڳايائين، الزام بي بنياد آھن، ڀلي جاچ ڪئي وڃي.