ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ جي بي سيڪشن جو اهلڪار عبدالله ڪالوني جو رهواسي طفيل ھالو گھر اندر پراسرارنموني فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ميھڙ شهر لڳ عبدالله ڪالوني ۾ ڪالوني جي رهواسي نوجوان طفيل ھالو جو گھر اندر پراسرار طور فوت ٿيل لاش مليو آهي جنهن کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال ميهڙ آندو ويو آهي فوتي جي وارثن چيوته لاش بند جاء مان مليو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته معاملو ڇا آهي؟ ٻڌايو پيو وڃي ته طفيل احمد هالو پنهنجي گهر ۾ اڪيلو رهندو هو گهر مان سندس تشدد ٿيل ۽ ڪپڙن کان آجو لاش مليو آهي جيڪو لاش 2ڏينهن پراڻو آهي ،لاش مان بدبوء اچڻ کان پوء پاڙي وارن ميهڙ ٿاڻي تي پوليس کي اطلاع ڏنو ،اطلاع تي ميهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهر جي اندر داخل ٿي گهر جي ڪمري مان لاش کڻي پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال ميهڙ آندو جتي لاش ۾ بدبوء هجڻ سبب سندس پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو آهي اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جو چوڻ آهي لاش 2 ڏينهن پراڻو آهي ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان ٿيل آهن پوليس اطلاع تي اسپتال پهتل فوتي جي وارثن کي تعلقا اسپتال ميهڙ مان پوسٽ مارٽم جا ضروري ميڊيڪل ڪاغذ ٺهرائي لاش وارثن حوالي ڪيو آهي ۽ پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايچ او بي سيڪشن ميهڙ ٻڌايو ته فوتي جي جسم تي ڌڪن جا نشان هيا ان آڌار تي جاچ ڪبي ته نوجوان قتل ٿيو آهي يا سندس موت جو ڪو ٻيو ڪارڻ آهي ،فوتي جو لاش 2ڏينهن پراڻو هجڻ ڪري بند بوء ڪري ويو هو فوتي طفيل احمد هالو غير شادي شده هو پنهنجي گهر ۾ اڪيلو رهندوهو.