خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ قاضي عبدالرحمان ۾ 2010 جي مها ٻوڏ کان پوءِ روڊ رستا اکڙيل آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن نديم عباسي، حاجي حسن کوسو، غلام نبي عباسي، حسين بخش جيسر، دادن جيسر، اسلم جيسر ۽ ديدار ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ سامهون ڀڳل روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڳوٺ قاضي عبدالرحمان تاريخي ڳوٺن مان هڪ آهي پر هن ڳوٺ کي ڪابه سهولت ميسر ناهي. خيرپورناٿن شاھ ۽ ميهڙ شهر کي ملائيندڙ روڊ تباھ ٿي چڪو آهي. 2010 جي مها ٻوڏ دوران هي روڊ مڪمل طور تباھ ٿي چڪو آهي جنهن کان پوء روڊ ٺهي نه سگهيو آهي روڊ ٽٽل هجڻ ڪري ڳوٺاڻن کي مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا روڊ حادثا پيش آيا آهن ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي چڪا آهن هنن چيو ته ڳوٺ جا ننڍڙا ٻارڙا چنگچي رڪشا تي اسڪول ويندا آهن ڪيترائي ڀيرا چنگچي رڪشا ڪرڻ سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون زخمي ٿيندا رهن ٿا. اليڪشن دوران چونڊجي آيل نمائندا واعده ڪري ويا هئا ته روڊ رستا ٺهرائي ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون پر افسوس ته چونڊيل نمائندن جا واعده وفا نه ٿيا هنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي ٻيو ڪجھ نه کپي پر اسان کي روڊ ٺهرائي ڏنو وڃي.