خيرپور (رپورٽر) خيرپور  لقمان واري علائقي ۾ روهڙي ڪينال مان هڪ شخص  جو لاش هٿ آيو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته روهڙي ڪينال ۾ لاش لڙهندي ڏسي موقعي تي موجود ماڻهن ٻاهر ڪڍي ورتو. واهه مان لاش ملڻ وارو اطلاع ملڻ بعد بي سيڪشن پوليس روهڙي ڪينال پهچي لاش سول اسپتال خيرپور پهچايو، جتي لاش جي سڃاڻپ لقمان شهر جي ميتلا پاڙي جي رهواسي 38 سالن جادل پٽ مولا بخش ميتلو جي نالي سان ٿي آهي. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته جادل ميتلو اڪثر بيمار رهندو هو، هن بيماريءَ کان تنگ ٿي واهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي.