ملير (رپورٽر) سکڻ پوليس ٿاڻي جي حد  ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12 ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران پوليس پاران فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان  ايس ايچ او سکڻ  ٻڌايو ته هڪ شهري کان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي رهيا هئا، اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدارن پوليس کي ڏسي مٿن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڦورن غلام عباس چانڊيو ۽ امتياز چانڊيو کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان موٽرسائيڪل، 2 پسٽل، ڦر ڪيل سامان ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي  آهي، پوليس زخمي ڦورن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ٻنهي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.