مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند لڳ نامعلوم جوابدار پاران نينگري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي جوابدار ريلوي ٽريڪ ڀرسان ٻوري ۾ بند نينگري کي ڦٽو ڪري فرار، پوليس  بي خبر بڻيل. خبر موجب لنڊو شھر ۾ نامعلوم شخص پاران 12 سالا نينگري بختاور لاشاري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان حوالي سان نينگري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ٻاھر شئي وٺڻ وئي ته ھڪ ٻٽ ٻڌل نامعلوم شخص کيس سڏ ڪيو ۽ ريلوي ٽريڪ طرف وٺي ويو، جتي ھن مون کي چاقو ڏيکاريو ۽ چيو ته چپ ڪري مون سان گڏ ھل نه ته چاقو سان ڳلو ڪپي ڇڏيندو، نينگري ٻڌايو ته مون رڙيون ڪيون ۽ ماڻھن ۽ پوليس جي اچڻ تي جوابدار ٻوري ۾ وجهي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، هوڏانهن پوليس واقعي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.