سوشل ميڊيا تي وائرل تصوير بابت عمر شريف جي پٽ جو رد عمل سامھون اچي ويو

0
139

ڪراچي: مزاحيا اداڪار عمر شريف جي سوشل ميڊيا تي ڳڻتي جوڳي حالت جي خبرن بابت ان پٽ ترديد ڪندي چيو آھي تھ والد دل جي تڪليف ۾ مبتلا آھي پر ان جو علاج جو سلسلو جاري آھي، جلد ھُن سان گڏ وڊيو جاري ڪنداسين.

سوشل ميڊيا تي مشھور اداڪار عمر شريف جي ڳڻتي جوڳي حالت جي خبرن جي باري ۾ عمر شريف جي پٽ جواد عمر چيو تھ گھڻي وقت کان والد صاحب دل جي تڪليف سان گڏ ٻين تڪليفن ۾ مبتلا آھي، جڏھن تھ ياداشت بھ خراب ٿي وئي آھي.

ھن جو چوڻ ھو تھ عمر شريف جي علاج جو سلسلو جاري آھي، ھُن جي ٺيڪ ٿيندي ئي ان سان گڏ وڊيو جاري ڪندس، جواد عمر چيو تھ عمر شريف جي صحت جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي غلط خبرون ھلي رھيون آھن، والد جي چاھيندڙن کي اپيل آھي تھ بابا جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.