خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن بابت رجسٽرڊ ووٽرن، پولنگ اسٽيشنن ۽  بنا مقابلي ڪامياب ٿيل اميدوارن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته خيرپور ضلعي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 13 لک 21 هزار 407 آهي، جن مان مرد ووٽر 7 لک 12 هزار 136 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 6 لک 9 هزار 271 آهي، ضلعي ۾ ڪُل 897 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جن ۾ مرد ۽ عورت ووٽرن لاءِ 145- 145 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. جڏهن ته عورت مرد ووٽرن لاءِ گڏيل طور 607 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. خيرپور ضلعي ۾ ٽوٽل پولنگ بوٿ 3005 قائم ڪيا ويندا، جن مان مرد ووٽرن لاءِ 1553 ۽ عورت ووٽرن لاءِ 1452 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر موجب خيرپور ضلعي ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر، جنرل ميمبرن سميت 58 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، جن ۾ 53 اميدوار پيپلزپارٽي، جڏهن ته 5 اميدوار جي ڊي اي سان تعلق رکن ٿا.