ڀٽ شاھ (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن لاء ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد ڀٽ شاھ ٽائون ، ھالا ميونسپل ۽ ھالا پراڻا ٽائون  جي 10 اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آھن. ڪجھ اميدوارن سميت تجويز ۽ تائيد ڪندڙ نه پھچڻ سميت مختلف سببن جي ڪري سندن فارم رد ڪيا ويا آهن. ڀٽ شاھ ٽائون ڪميٽي جي 7 وارڊن تي 57 اميدوارن جا فارم بحال ۽ ٻن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آھن وارڊ 6 تان تحريڪ انصاف جي اسرار احمد ۽ وارڊ 2 تان آزاد اميدوار غلام عباس جو فارم رد ٿي ويو.  ھالا ميونسپل جي 16 وارڊن تي 6 اميدوارن جا فارم رد ٿيا آھن. ميونسپل جي وارڊ نمبر 3 تان حاجن ڏاھري ـ دانش ميمڻ ـ وارڊ نمبر 9 تان فخراحمد ـ وارڊ نمبر 13 تان محمد سومار ڀچو ۽ وارڊ 14 تان نعيم قريشي جو فارم رد ٿيو، جڏھن تـ ھالا پراڻا ٽائون ڪميٽي جي ٻن اميدوارن ربنواز ۽ امداد علي جا فارم به رد ڪيا ويا آھن. ھالا تعلقي جي آر او آفيس ۾ اميدوارن جي لسٽ به لڳائي وئي آھي.  هاڻي اعتراضن جو مرحلو شروع ٿيندو، اعتراض ختم ٿيڻ بعد اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا .