مورو (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مسرور جتوئي چيو آهي ته سندن اميدوارن کي پوليس معرفت  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ھٿ کڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي مورو جي 11 وارڊ تي جي ڊي اي اميدوار عمران چنڊ تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري سندس وارثن کي هراسان ڪيو ويو آھي، هن چيو ته علائقي جو غريب عوام اسان سان گڏ آھي ۽ ووٽ اسان جي امدوارن کي ئي ڏيندو،