خيرپور (رپورٽر) ٻه ڏينهن اڳ ضلعي انتظاميا پاران ڇٽي چوڪ ۽ مال روڊ وٽ قائم دڪانن کي سيل ڪرڻ خلاف عاشق عباسي، لالا غلام سرور پٺاڻ، جان محمد سيال، امجد لاشاري، محمد هاشم، ناصر پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ مال روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڻ ڌرڻي واري هنڌ پهتي. ان موقعي تي واپارين ڊاڪٽر نفيسه شاهه کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا 56 دڪان سيل ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي، چار پيڙهين کان دڪان آهن، مختلف ماڻهن جي نالن تي دڪانن جون رجسٽريون ٿينديون رهيون آهن پر اوچتو هينئر ضلعي انتظاميا کي ياد آيو آهي ته هي پراپرٽي سرڪاري آهي. هنن چيو ته دڪاندارن پاران رجسٽريون جمع ڪرائڻ ۽ اُهي ڪليئر ٿيڻ جي باوجود ڊپٽي ڪمشنر خيرپور دڪان بند ڪرائڻ جو سندرو ٻڌي بيٺو آهي. هن چيو ته دڪان سيل ڪرڻ سان نه صرف واپارين کي نقصان پهتو آهي پر انهن دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ اُهي مالي مسئلن جو شڪار ٿي ويا آهن. ان موقعي تي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه واپارين کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ضلعي انتظاميا واپارين سان غير اخلاقي ۽ غير قانوني عمل ڪري رهي آهي ته انتظاميا سان ڪوبه سهڪار نه ڪيو ويندو واپارين سان ٿيل زيادتيءَ خلاف آهيان ۽ ان ڪري ئي انهن جي احتجاج ۾ شامل ٿي آهيان. هن وڌيڪ چيو ته هوءَ واپارين سان ڪابه ناجائزي ٿيڻ نه ڏيندي ۽ انهن جي هر جائز مسئلي ۾ ساڻن سهڪاري ٿيندي.