ڦل (ن پ ا) دريا خان مري ٿاڻي جي حد ويسر موري وٽ گذريل ڏينھن قتل ٿيل ڳوٺ ساجن چانڊيو جي رھواسي محمد صديق چانڊيو جو قتل ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، جڏھن ته ڳوٺ بنگلو محمد امين جويو واسي عزير احمد جويو جو قتل ڪيس فريادي محمد صالح پٽ محمد امين جويو جي فرياد تي جوابدار رحيم چانڊيو، غلام مرتضيٰ چانڊيو، محمد صديق چانڊيو، حاجي محمد چانڊيو، عمران چانڊيو، اسدالله شاهه، قربان شاهه، امير حسين کوسو سميت 3 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف دريا خان مري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ فريادي پاران ڄاڻايو ويو آھي ته جوابدارن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھڪ ڄڻو عزير احمد جويو قتل ٿي ويو. جڏھن ته الھڏتو جويو ۽ شھباز جويو زخمي ٿي پيا، فوتي عزير احمد جو لاش وارث پنجاب جي علائقي پتوڪي کڻائي ويا جتي فوتي جي لاش کي دفن ڪيو ويندو. جڏھن ته زخمي الھڏتو جويو ۽ شھباز جويو نواب شاهه اسپتال ۾ زير علاج آھن. پوليس ذريعن موجب قتل ڪيس ۾ گھربل امير حسين کوسو سميت 3 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. واضح رھي ته ھڪ ڏينھن اڳ جھيڙي دوران 2 ڄڻا قتل ٿيا ھئا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا.