پيرجوڳوٺ: مسيڪن عورتن جا پيسا ڪاٽڻ تي وڊيو ٺاهيندڙ ليڊي اهلڪار گهر ڀيڙو

0
1145

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي آيل قسط مان ڪٽوتي ڪرڻ تي ھڪ ليڊيز سپاهي سميت ٽي پوليس اهلڪار پاڻ ۾ اٽڪي پيا، ليڊيز پوليس اهلڪار ٻين سپاھين جا فوٽيج ٺاھيندي رھي، پوليس اهلڪار ارشاد راهوجو ۽ بقا بنگلاڻي مسڪين عورتن جا پيسا ڪاٽي رهيا هئا ته ليڊي پوليس اهلڪار نصرت ميتلو پيسا ڪٽيندڙ پوليس اهلڪارن کي منع ڪئي، جنهن تي پوليس اهلڪار پاڻ ۾ اٽڪي پيا، پوليس اهلڪارن ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي کي فون تي رابطو ڪري ليڊي پوليس اهلڪار کي ڊيوٽي تان گهر ڀيڙو ڪرائي ڇڏيو.