پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پني عاقل جي گوٺ جمعو جسڪاڻي واسي ڳورھاري عورت فوت ٿي وئي آھي، مسمات حافظان کي سندس وارث ڊليوري لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا جتان ڊاڪٽرياڻين آپريشن جو چئي سکر کڻائي وڃڻ لاءِ چيو جيڪا سکر نيئندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي، عورت جي وارثن پاران تعلقي اسپتال پنوعاقل جي انتظاميا تي غفلت جو الزام هڻندي چيو آھي ته عورت کي ويم لاءِ جڏھن تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتاسين ته ڊاڪٽرياڻين چيو نارمل ڊليوري آھي عورت ڪلاڪن تائين تڙپندي رھي حالت خراب ٿيڻ تي ڊاڪٽرياڻين چيو سکر کڻي وڃوس آپريشن ٿيندس سکر کڻائي وياسين ته عورت فوت ٿي ۽ ٻار به پيٽ ۾ دم ڏئي ڇڏيو اسان سان ڊاڪٽرياڻين ظلم ڪيو آھي جڏھن آپريشن لاءِ ئي چوڻو ھو ته ڪلاڪن تائين عورت کي ڇو رکيائون ناري جي وارثن پاران اسپتال ٻاھران اڀ ڏاريندڙ دانهون اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائيءَ ڪري انصاف فراھم ڪئي وڃي ، جڏھن ته تعلقي اسپتال پنوعاقل جي انتظاميا جو چوڻ آھي ته عورت ھتي فوت ناھي ٿي سکر کڻائي ويا پئي رستي ۾ فوت ٿي آھي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.